تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

قمبرشهدادڪوٽ جي اڳوڻي چيئرمين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

قمبر ( رپورٽر) قمبر جي عدالت جعلي چيڪ ڏيڻ تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين محمد قاسم کوسو ۽ چيف آفيسر سعيد اڪبر مھر مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سيشن ڪورٽ قمبر ۾ شھدادڪوٽ واسي ٺيڪيدار محمد اسحاق کوسو 10 سيپٽمبر تي پٽيشن داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ھو ته مان ٺيڪيدار آھيان ضلعي ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ طرفان ضلعي جي مختلف يوسين، يوسي الله آباد، يوسي ڪارڙا، يوسي عرضي ڀٽو، يوسي ٺوف چوسول ۽ يوسي سجاول جوڻيجو جي مختلف ڳوٺن ۾ ھينڊ پمپ ( نلڪا) ھڻڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو جيڪو ڪم مڪمل ڪيو پر ضلعي چيئرمين طرفان مارچ 2019 ۾ 2 لک 97 ھزار جو ھڪڙو، 2 لک 97 ھزار جو ٻيو ۽ 15 لک جو ٽيون چيڪ ڏنو، جيڪا ٽوٽل رقم ويھ لک 94 ھزار رپيا ٿئي ٿي جنهن جا 3 جالي چيڪ ڏنا ويا جيڪي ھن وقت تائين ڪيش نٿا ٿين جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج نديم بدر قاضي جي عدالت ڪوڙا چيڪ ڏيڻ تي ضلع ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ جي اڳوڻي چيئرمين محمد قاسم کوسو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيف آفيسر سعيد اڪبر مھر مٿان شھدادڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Bookmark the permalink.