تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

قرض بحالي لاءِ ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم: بجلي، گيس، يوٽلٽي اسٽورز تي رعايتون ختم ڪريو: آءِ ايم ايف جو شرط

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض بحالي لاءِ ڳالهين جو پهريون دور بنانتيجي ختم، آءِ ايم قرض جي ٽئين قسط ڏيڻ لاءِ ايف بجلي، گيس، يوٽيلٽي اسٽورز تي رعايتون ختم ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معطل ٿيل قرض پروگرام جي بحالي لاءِ وڊيو لنڪ ذريعي اقتصادي جائزي جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن جنهن ۾ ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري رکڻ ۽ ٽئين قسط لاءِ بجلي، گيس سميت يوٽيليٽي اسٽورز سميت ٻيون غيرضروري سبسڊيز ختم ڪرڻ جو شرط رکيو آهي، ذريعن موجب بجلي ۽ گيس، يوٽيليٽي اسٽورز سميت ٻين جي مد ۾ غيرضروري سبسڊي ختم ڪرڻ واري آءِ ايم ايف جي شرط تي غور لاءِ ناڻي وزارت خصوصي سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي، ذريعي موجب اهو سيل اڳوڻي ناڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اهو خصوصي سيل غيرضروري سبسڊيز جي خاتمي لاءِ پنهنجون سفارشون تيار ڪندو ۽ معاشي سڌارن تي عملدرآمد لاءِ تجويزون ڏيندو جن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيو ويندو. ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ جائزاتي ڳالهيون اڃا به جاري آهن، ڌرين پاران ورچوئل ڳالهين ۾ حصو ورتو پيو وڃي، ٻي جائزاتي ڳالهين کي نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام بحال ٿي ويندو ۽ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي قرض جي روڪيل ٽئين قسط جاري ڪئي ويندي.ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي غيرضروري سبسڊيز ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، صرف مستحق ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊيز لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته حڪومت هلندڙ مالي سال دوران مختلف شعبن لاءِ 209 ارب رپين جي سبسڊي مختص ڪئي آهي، جنهن ۾ توانائي شعبي لاءِ 150 ارب، يوٽيلٽي اسٽورز لاءِ 3 ارب، سستي ڪڻڪ لاءِ 13 ارب، ميٽرو بس لاءِ 2 ارب جي سبسڊي رکي وئي آهي، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم لاءِ 30 ارب رپين جي سبسڊي جي مد ۾ رقم رکي وئي آهي. آءِ ايم ايف گذريل سال جولاءِ مهيني ۾ پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالرز جي پيڪيج جي منظوري ڏني هئي جنهن ۾ آءِ ايم ايف 6 ارب ڊالرز جي معاشي پيڪيج تحت پاڪستان کي 99ڪروڙ 10 لک ڊالرز جي پهرين قسط ڏني هئي، اُن معاهدي تحت آءِ ايم ايف طرفان ٽن سالن تائين مختلف مرحلن ۾ قرض جي رقم مهيا ڪئي ويندي. معاهدي تحت قرض جو مدو 39 مهينا رکيو ويو، رقم ساليانو ۽ ڇهه ماهي جائزن جي بنياد تي جاري ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.