تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

قبو سعيد خان ڀرسان فائرنگ، ڳوٺاڻو قتل،سندس سئوٽ زخمي

قبوسعيدخان (ن پ ا ) قبوسعيدخان ڀرسان هٿياربندن موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن ڪريم بخش ولد احمد خان مگسي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته موٽرسائيڪل تي سوار سندس سئوٽ طارق حسين مگسي به گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال آندو ويو جتان زخمي کي وارثن لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو، مقتول قبوسعيدخان لڳ ڳوٺ اعتبار خان مگسي جورهواسي هو.پيربخش مگسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته ڀاءُ  ڳوٺ کان موٽر سائيڪل تي قبوسعيد خان وڃي رهيو ته محمدي مسجد ڀرسان 9 جوابدارن هڪ موٽر سائيڪل هڪ ڪار تي سوار ٿيل جوابدارن پسٽل جا فائر ڪري ڪريم بخش مگسي کي قتل ۽ سئوٽ طارق مگسي کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، قبوسعيدخان پوليس موجب جوابدار واقعي بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته مقتول ۽ جوابدار پاڻ ۾ سئوٽ آهن

Bookmark the permalink.