تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

قبو سعيد خان پوليس پاران 10 لک انعام رکيل بدنام ڌاڙيل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قبوسعيدخان (ن پ ا) قبو سعيد خان پوليس 10 لک انعام رکيل بدنام ڌاڙيل کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب ڌاڙيل خادم عرف خادو مارفاڻي کي سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي نواب واٽر ڪورس وٽان ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو، جنهن وٽان هڪ ريپيٽر ۽ 15 ڪارتوس به هٿ آيل. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڌاڙيل قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي داخل 10 کان وڌيڪ سنگين ڏوهن جي ڪيسن ۾ گهربل هو. ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ بدنام ڌاڙيل جي گرفتاري واري ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽس ۽ روڪ انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.

Bookmark the permalink.