تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

قبو سعيد خان ويجهو هڪ نوجوان گوليون جو کاڄ بڻجي ويو، نوجوان کي بيگناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي: وارث

نوجوان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي: علائقي ۾ چئوٻول

قبو سعيد خان(ن پ ا) قبو سعيد خان ڀرسان هڪ نوجوان کي گولين هڻي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، ڪارنهن الزام جا چئوٻول. ڳوٺ علي نواز کهاوڙ جي رهواسي نوجوان 26 ورهين جي علي دوست پٽ نياز احمد چانڊيو کي هٿياربند ٽي ٽي پستل جا فائر ڪري قتل ڪيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. اطلاع تي قبوسعيدخان پوليس مقتول جو لاش رورل هيلٿ سينٽر آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وڏي ڀاءُ راحب علي چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ کي بي گناهه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نوجوان کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.



Bookmark the permalink.