تازا ترين
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

قانون جو وفاقي سيڪريٽري سُپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي (جوائنٽ سيڪريٽري) ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته جيل موڪلينداسين: عدالت

سنڌ هاءِ ڪورٽ طلبي باوجود سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب عدالت ۾ ججز جي کوٽ واري ڪيس ۾ طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي وفاقي قانون وزارت جي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عدالت جوائنٽ سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته هاڻي ئي پتو لڳايون ٿا ته سيڪريٽري ڪٿي آهي، توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته جيل موڪلينداسين.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ احتساب عدالت ۾ ججز جي مقرريءَ واري معاملي تي ٻڌڻيءَ دوران قانون واري وفاقي وزير جو جوائنٽ سيڪريٽري پيش ٿيو. عدالت پُڇيو ته سيڪريٽري قانون ڪٿي آهي، اسان ته کيس طلب ڪيو هو؟ جوائنٽ سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته سيڪريٽري قانون هن وقت سُپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي، جنهن تي عدالت ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙي ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڪيس نمبر ٻڌايو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هاڻي ئي پتو لڳايون ٿا ته سيڪريٽري ڪٿي آهي، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته جيل موڪلينداسين. ٻڌايو ته هي معاملو ڪڏهن حل ٿيندو.
ڊپٽي اٽارني جنرل نيب ڪورٽس ۾ ججز مقرريءَ وارو مامرو حل ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته توهان لکي ڏيو ته هي معاملو نه ٿيو ته توهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته احتساب عدالت ۾ جج جي کوٽ سبب سندس اصيل جو ڪيس نٿو هلي، ججز جي کوٽ سبب اهم ڪيسز رولڙي جو شڪار آهن.

Bookmark the permalink.