تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • احتساب عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌائيندي*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

قاضي احمد ۾ پنجين ڪلاس جي شاگردياڻي پراسرار طور فوت

قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد جي انڙ محلا واسڻ پنجين درجي جي شاگردياڻي 12 ورهين جي افشاء کوکر جو پنهنجي گهر مان پراسرار نموني فوت فوتي نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رڪشا چنگچي ۾ رورل هيلٿ سيبٽر اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد وارث سندس جو لاش ڳوٺ تاج محمد کوکر منتقل ڪيو اهڙي ڃاڻ بعد مقامي پوليس مذڪوره ڳوٺ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتي ڪاغذي ڪاروائي بعد بغير پوسٽ مارٽم ۽ ڊاڪٽرياڻي جي طبعي چيڪ اپ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته پراسرار نموني فوت ٿي ويل نينگري جي چاچي نظر محمد کوکر ٻڌايو ته اسان جي ڇوڪري ڪافي عرصي کان بيمار هئي جنهن سبب فوت ٿي آھي رابطي ڪرڻ تي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ جمشيد احمد خانزاده موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڄاڻايل نينگري جي ڳلي تي رسي جا نشان هئا. هوڏانهن هن ڳجهارت بڻيل واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ڊاڪٽرياڻي پاران ڪيل طبعي معائني جي ميڊيڪل رپورٽ سڀاڻي جاري ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.