تازا ترين
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*
  • *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 42 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو * عالمي وبا جي ڪري معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي:ورلڊ بينڪ *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا متاثر، فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو *

قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه تي قائم اسپتال بي لاڀ، مريض لوئر اسٽاف عملي حوالي

ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکندڙ سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ

ڪروڙين روپيا ماهوار بجيٽ کڻندڙ آئي ايڇ ايس پاران اسپتالن جو اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو

قاضي احمد ( رپورٽ: الهه رکيو سيال) ملڪ جي اهم قومي شاھراھ قاضي احمد تي لکين روپيا بجيٽ رکندڙ سرڪاري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، جتي اسپتالن ۾ مردي کي غسل ڏيڻ لاءِ ڪپھ به نه ملي. سنڌ حڪومت کان ڪروڙين روپيا ماهوار بجيٽ کڻندڙ آئي ايڇ ايس پاران اسپتالن جو اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري طور مقرر ٿيل ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ بدران غير حاضر رهڻ لڳا آهن ۽ اسپتال جا انتظام لوئر اسٽاف حوالي ڪيو ويو آهي. آئي ايڇ ايس اختياريون اسپتال ۾ ايمبولينس، دوائن، ڊاڪٽرن، ليبارٽرين سميت ڪابه سھولت ميسر ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن.اسپتال جو قومي شاھراھ جي انهن وڏين اسپتالن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي هر وقت ايمرجنسي واري صورتحال هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍا وڏا حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، بدقسمتي سان روزانو 1200 جي لڳ ڀڳ او پي ڊي رکندڙ هن اسپتال کي تعلقي جو درجو ته نٿو ڏنو وڃي پر هتي رورل هيلٿ سينٽر جيتريون سھولتون به هتي موجود ناهن. هتان جي سماجي اڳواڻن حاجي خان لاکو، ايم بي ڏاهري، صلاح الدین ڪيريو، ظفر لاکو ۽ ٻين گھر ڪئي آهي ته جتي ميتن لاءِڪاٽن موجود ناهي اها انتظاميا ڪرونا وائرس جهڙي مرض جو علاج ڪيئن ڪري سگهندا.

Bookmark the permalink.