تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

قاضي احمد ڀرسان ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت، 2 ڄڻا زخمي

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. نيشنل هاءِ وي علي آباد ڀرسان ڪراچي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪار ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 45 ورهين جي مسمات شاهين، سندس پٽ 28 ورهين جو عامر گل ميمڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، 25 ورهين جي عبدالحبيب ميمڻ ۽ 20 ورهين جي سلمان گل ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا. علي آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ سوار هڪ ئي خاندان جا ماڻهو هئا، جيڪي عيد ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان سکر وڃي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو. ضروري ڪارروائي کانپوءِ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي طبي امداد ڏئي کين سکر منتقل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.