تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

قاضي احمد ڀرسان ٽرالر جو ٽڪر: ٽرئڪٽر ڊرائيور فوت: ڀاءُ زخمي

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ ٽرئڪٽر ڊرائيور فوت ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو آهي. سڪرنڊ شگر ملز اڳيان قومي شاهراهه تي ڪمند کڻي ويندڙ ٽرئڪٽر ٽرالي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرئڪٽر ڊرائيور 25 ورهين جو عنايت الله ولد امام الدين لاشاري موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ غلام سرور لاشاري زخمي ٿي پيو. حادثي جي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي قاضي احمد اسپتال نيو ويو. ٻئي پورهيت قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ فيروز لاشاري جا رهواسي آهن.

Bookmark the permalink.