تازا ترين
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

قاضي احمد: لاڪ ڊائون دوران هڪ هوٽل تي ويٺل ماڻهن کي اٿارڻ تان پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ جهيڙو، 2 اهلڪار زخمي

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ لاڪ ڊائون دوران هڪ هوٽل تي ويٺل ماڻهن کي اٿارڻ تان پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ مبينا جهيڙي دوران ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا، ڇهن ڳوٺاڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. لاکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ لاڪ ڊائون دوران قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود هڪ ڳوٺاڻي آچر ڀان جي ھوٽل تي ويٺل ماڻهن کي اٿارڻ تان پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ جهيڙو ٿي پيو. مڇريل ماڻھن جي مبينا حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار محمد قاسم ڪيريو ۽ صوف چنڙ زخمي ٿي پيا. رابطو ڪرڻ تي لاکاٽ ٿاڻي جي پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته حملو ڪندڙ 6 ڄڻن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ جهيڙي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي…

Bookmark the permalink.