تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

قاضي احمد: عدالت مان واپس ايندڙن تي حملو، 2 ڄڻا زخمي

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي سول ڪورٽ مان ٻڌڻي کانپوءِ واپس ايندڙ 2 ڳوٺاڻا مبينا حملي ۾ زخمي ٿي پيا آهن. خبر موجب ڳوٺ يار محمد ٽانوري واسي ڳوٺاڻا حسين بخش ٽانوري ۽ اسلم ٽانوري ڪورٽ مان حاضري تان واپس اچي رهيا هئا ته رستي ۾ لڪي ويٺل هٿياربندن کين روڪي لوهي سريا، ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏي. زخمين کي مقامي رهواسين قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو، جتان حسين بخش ٽانوري کي ڳڻتي حالت هجڻ سبب نواب شاهه نيو ويو. زخمي حسين بخش ٽانوري جي پُٽ ساجن ٽانوري ٻڌايو ته لال بخش، جلال، شوڪت، گل شير ۽ قربان واري ڌر سان سندن تڪرار هلندڙ آهن، جن حملو ڪري ٻنهي ڄڻن کي زخمي ڪيو.



Bookmark the permalink.