تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

قائد عوام ورسٽي ايمپلائيز يونين پاران وي سي خلاف احتجاج جو اعلان

نواب شاهه (بيورو رپورٽ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ايمپلائيز يونين وائيس چانسلر خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ا ن ڏس ۾ ايمپلائيز يونين جي صدر شڪيل احمد چانڊيو چيو آهي ته اڄ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ڪيمپس جي ملازمن جو جنرل ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ قائد عوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون جي نا انصافين، ڊپارٽمينٽل پروموشن، نوڪرين جي ڊي پي سي ۽ ٽوئر جي مد ۾ پيسا کائڻ ۽ ڪورونا جي مد ۾ آيل هڪ ڪروڙ رپيا ظاهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج بابت لائحه عمل جوڙيو ويندو

، هنن چيو ته اجلاس ۾ 8 سئو کان وڌيڪ ملازم شرڪت ڪندا، هنن چيو ته 17 تاريخ ٿي وئي آهي پر لاڙڪاڻو ڪيمپس جي ملازمن کي پگھار نه ٿي سگھيو آهي، وائيس چانسلر چيو آهي ته اسان وٽ پيسا ناهن ، ان ڪري نوابشاهه وارن کي به پگھار نه ملندو. اڳواڻن چيو آهي ته جڏهن کان وائيس چانسلر آيو آهي تڏهن کان يونيورسٽي تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. اسان انصاف لاءِ آواز اٿارڻ جو حق رکون ٿا. اجلاس ۾ احتجاج شروع ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. اسان جا 14 ملازم آهن جن لاءِ سينڊيڪٽ منظوري ڏني آهي ته انهن کي پڪو ڪيو وڃي پر 35 مهينا گذرڻ باوجود انهن کي پڪو ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته وي سي سياسي بنيادن تي نوڪريون ڏيندي مستقل ملازم به رکي ڇڏيا آهن.

Bookmark the permalink.