تازا ترين
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

قائد عوام جي معطل پي ڊي جو ڪيس اينٽي ڪرپشن حوالي

نوابشاھ(رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه جي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي معطل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر خيرﷲ قريشي تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت معاملي جي گذريل ڏينهن ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج حافظ عطا الله جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن تي عدالت سڳوري خير الله قريشي کي 16 تاريخ تائين ضمانت ڏيندي چيو ته ھي ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جو آهي، ايف آءِ آر ۾ 409 قلم اينٽي ڪرپشن جو ڪيس آهي، اھو ڪيس ٿاڻي تي ڪئين درج ٿيو آهي؟ ھاڻي ھي ڪيس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جو آهي. واضح رهي ته پي ڊي خير الله قريشي خلاف يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ آفيسر نويد ڏهراج تعلقي ٿاڻي تي سرڪاري گاڏي خرد بُرد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. ٻئي طرف خيرالله قريشي چيو آهي ته هي ڪوڙي ايف آئي آر وائيس چانسلر سليم رضا سمون داخل ڪرائي آهي، مون تي گاڏي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي گاڏي مون وٽ آهي آئون نوڪري تي آهيان، صرف معطل ٿيل آھيان اھو به غير قانوني ٿيل آھيان جنهن جو عدالت ۾ ڪيس ھلندڙ آهي وي سي کي اختيار ناهي جو مون کي معطل ڪري سگهي، معطل ٿيل سرڪاري ڪامورو به ڇھنن مھينن تائين گاڏي رکي سگهي ٿو پر جڏھن به مون واپس ڪئي ته عدالت سڳوري معرفت ڪندس.



Bookmark the permalink.