تازا ترين
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

في الحال ملڪ بند نٿا ڪري سگهون (وزيراعظم) لاڪ ڊائون تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪرفيو واري آپشن تي به غور ڪرڻ گهرجي:ميمبرز

هن مشڪل وقت ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون:عمران خان

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ معاشي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اعلانيل ريليف پيڪيج جي منظوري ڏني وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان چيو ته هن مشڪل وقت ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن وقت پورو ملڪ بند نٿا ڪري سگهون، عوام خود احتياط ڪري ته اهو بهتر آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ميبمبرز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب معاشي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اعلانيل ريليف پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ريليف پيڪيج ۾ سمورن شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن خاص طور تي مزودر طبقي کي وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو، ڪورونا وائرس جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا اداره متحرڪ آهن. اجلاس دوران ميمبرز صلاح ڏني ته عوام پاران لاڪ ڊائون تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪرفيو واري آپشن تي به غور ڪرڻ گهرجي، جنهن تي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکي سمورا فيصلا عوام جي مفاد ۾ ڪيا ويندا. وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪنهن کي به شيون ذخيرو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. وزير اعظم عمران خان چيو ته هن مشڪل وقت ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن وقت پورو ملڪ بند نٿا ڪري سگهون، عوام خود احتياط ڪري ته اهو بهتر آهي.

Bookmark the permalink.