تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

فيض گنج ۾ ڪوٽ لالو واسيءَ جو پوليس خلاف احتجاج

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ ڪوٽ لالو لڳ ڳوٺ ولي محمد مري جي رهواسي پورهيت علي ڏنو مري احتجاج ڪندي دانهيو آھي تہ ڪوٽ لالو پوليس جي اهلڪارن بشير احمد شر، غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۽ مجاهد مڱريو ۽ سول ڊريس ۾ ٻن اڻسڃاتل اهلڪارن بلاجواز گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ اهلڪارن گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي ڀاتين تي تشدد پڻ ڪيو. هن چيو ته پوليس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ڏوهاري به نه آهيان مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهيون پوليس اهلڪار ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيا آھن. هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبوڪيو ته ڪوٽ لالو پوليس کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.