تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

فيض گنج ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، باندي بڻايل 2 ڳوٺاڻا بازياب

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، باندي بڻايل 2 ڳوٺاڻا بازياب، سول جج طرفان فيض گنج ٿاڻي تي ڇاپو هڻي 2 ڳوٺاڻن ظفر شر ۽ غلام مصطفيٰ کي بازياب ڪرايو ويو، ايس ايڇ او کي رڪارڊ سميت سيشن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، فيض گنج پوليس ٻه ڏينهن اڳ ٻنهي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو هو، بازياب ٿيل ڳوٺاڻن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻهن کي بيگناهه پوليس کڻي وئي هئي، عدالتي ڇاپي بعد هو بازياب ٿيا آهن.

Bookmark the permalink.