تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

فيض گنج واسي جوڙي پاران تحفظ جي لاءِ احتجاج

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي ڳوٺ پيارو فقير چانگ واسي جوڙو عمران چانگ ۽ سندس زال ماروي چانگ معصوم نياڻي سميت احتجاج ڪيو.
ڪندي ٻڌايو آهي ته ڏيڍ سال اڳ پيار پرڻو ڪيو جنهن بعد برادري فيصلو به ٿيو هو پر ان باوجود اسان دربدري واري زندگي گذرڻ تي مجبور آهيون ماروي چانگ چيو ته آئون پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهيان جتي منهنجا مائٽ ساٿين سان گڏ جي مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هاڻي آئون اسڪول به نٿي پڙهائي سگهان هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اسان کي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.