تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فيض گنج: مبينا طور قتل ڪيل عورت سسئي شر جي لاش جو 8ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوسٽ مارٽم نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

مڙس ۽ ٻين گڏجي ناري سسئي شر کي قتل ڪيو آهي:وارثن جو الزام

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ مبينا طور قتل ڪيل عورت سسئي شر جي لاش جو 8ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوسٽ مارٽم نه ٿيو، مقتولا عورت جي وارثن جو اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته رات 12وڳي کان لاش اسپتال ۾ پيل آهي پر ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، مڙس ۽ ٻين جوابدارن گڏجي ناري سسئي شر کي قتل ڪيو آهي، پوليس به جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، پوسٽ مارٽم ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.