تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

فيصل رحمان سان رومانوي سين ڪرڻ سڀ کان ڏکيو هو: حنا الطاف

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ميزبان حنا الطاف جو چوڻ آهي ته اداڪار فيصل رحمان سان رومانوي سين ڪرڻ سڀ کان ڏکيو رهيو ڇو ته هو ڪجهه وڌيڪ ئي رومانوي ٿي ويندو آهي. اداڪارا ناشپاتي پرائم جي شو ٽو بي اونسٽ ۾ ڪجهه مهينا اڳ هڪ انٽرويو ڏنو هو جنهن جي مڪمل قسط هاڻي يوٽيوب تي رليز ڪئي وئي آهي. هن ويب شو جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اداڪارا حنا الطاف فيصل رحمان سان رومانوي سين جي حوالي سان ڳالهايو آهي. نجي ٽي وي ويب سائيٽ موجب انٽرويو ۾ اداڪارا کان فواد خان سان رومانوي سين ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سوال پڇيو ويو جنهن تي هن چيو ته مان عماد عرفاني سان به رومانوي سين ڪيا آهن پر اداڪار فيصل رحمان سان رومانوي سين ڪرڻ سڀ کان ڏکيو هو. حنا الطاف چيو ته فيصل رحمان حد کان وڌيڪ رومانوي ٿي ويندو آهي يعنيٰ جيڪڏهن ڪنهن سين ۾ آڱر پڪڙڻي هجي ته هو هٿ پڪڙيندو آهي، مونکي پنهنجو الارم آن رکڻو پوندو آهي ته بس هاڻي ڪجهه به ٿي ويندو، جنهن تي شو جي ميزبان مزاحيا انداز ۾ چيو ته هي رومانٽڪ ناهي ان کي ڪيس چوندا آهن ڇو ته اوهان کيس آڱر ڏيو ٿيون ۽ هو هٿ پڪڙي ٿو. جنهن تي اداڪارا حنا الطاف چيو ته مان ته فيصل رحمان کي مي ٽو چئي ڊيڄارڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.



Bookmark the permalink.