تازا ترين
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

فيصل آباد ۾ ماءُ کي دوا وٺي ڏيڻ بهاني ڇوڪري سان اجتماعي لڄالٽ

فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ ٻن جوابدارن بيمار ماءُ کي دوا وٺي ڏيڻ بهاني ڇوڪريءَ کي گهرائي اجتماعي لڄالٽ جو شڪار بڻايو. پوليس موجب جڙانوالا جي علائقي ۾ ٻن جوابدارن زبير ۽ اصغر ڇوڪريءَ کي اجتماعي لڄالٽ جو شڪار بڻايو. متاثر ڇوڪري پوليس کي ٻڌايو ته منهنجي والده شگر جي مريض آهي، جوابدارن زبير ۽ اصغر فون ڪري چيو ته هنن ٻاهرين ملڪ مان شگر جي دوا گهرائي آهي، تنهن ڪري والده لاءِ تون به دوا وٺڻ اچ، جڏهن آئون دوا وٺڻ لاءِ ويس ته جوابدارن مون سان لڄالٽ ڪئي. پوليس ڇوڪريءَ جي درخواست تي ٿاڻو سٽي جڙانوالا ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Bookmark the permalink.