تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ايمان سليمان شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ايمان سليمان سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايمان سليمان تازو انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي مداحن کي پنهنجي شادي جي خبر ٻڌائي. ايمان سليمان پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ مزاحيه انداز ۾ ٻڌايو ته هاڻي جلد پنهنجي دوست سان شادي ڪندي. ماڊل چيو ته مان پنهنجي دوست جميل سان شادي ڪنديس جيڪو سٺو ڇوڪرو آهي ۽ گڏوگڏ ماڊل مداحن کي ٻنهي لاءِ دعا ڪرڻ جو به چيو. هن لکيو ته سندس دوست پيشي کان مارشل آرٽسٽ آهي. هوڏانهن مشهور ماڊل ايمان سليمان سرمد کوسٽ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم زندگي تماشا ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي جنهن جي ايندڙ سال رليز ٿيڻ جو امڪان آهي. ماڊل سوشل ميڊيا تي سماجي مسئلن تي ڳالهائڻ کان به ناهي لنوائيندي ۽ سوشل ميڊيا تي سماجي مسئلن جي حوالي سان ڳالهائڻ ۾ سرگرم نظر ايندي آهي.



Bookmark the permalink.