تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

” فوج به عدالتي دائري ۾ اچي ٿي“سُپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس بند ڪرڻ واري ايف آءِ اي جي سفارش رد ڪري ڇڏي

اصغر خان جي محنت ضايع نه ٿيندي، ٻڌايو فوجي آفيسرز خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ عدالت

اصغر خان ،سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، 25 جنوري تي بچاءُ وارو سيڪريٽري طلب، چيف جسٽس چيو آهي ته ايف آءِ اي ڪيس جي فائل بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، اسان ڪيئن عدالتي حڪم کي ختم ڪري ڇڏيون، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائينداسين.اصغر خان عملدآمد ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن دوران فيصلو ڪيو ويو ته اصغر خان ڪيس بند نه ڪيو ويندو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ڪيس بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي پر اسان ڪيئن عدالتي حڪم ختم ڪري ڇڏيون.معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائينداسين.چيف جسٽس وڪيل سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اوهان عدالت جي مدد ڪيو ته ڪيس کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته هڪ فيصلو آيو ۽ هاڻي عملدرآمد وقت ائين ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ان معاملي کان ڌار ڪرڻ جي تجويز هئي، اصغر خان جي وڪيل وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، هڪ شخص چوي ٿو ته ها مان پيسا ورهايا.چيف جسٽس چيو ته ان کانپوءِ ڇا ٿو رهي، اصغر خان جون ڪوششون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪيس بند ڪرڻ واري معاملي ۾ اصغر خان جي خاندان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ اختيار ناهن ته ٻئي اداري کان جاچ ڪرائي ٿا وٺون، چيف جسٽس چيو ته جڏهن اهو فيصلو آيو هو ته مان تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان ملايو هئم، کيس چيو هئم ته ايڏو وڏو فيصلو ڪيو جو هاڻي عدالت ڪجهه به نه ڪري ته اهو ئي ڪافي آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته اصغر خان ۽ آسيه بي بي ڪيس جا ٻئي فيصلا تاريخ ساز آهن، چيف جسٽس چيو ته فوج جي ملوث مانهن خلاف ملٽري ڪورٽ ٽرائل ڪري رهي آهي، سول ماڻهن خلاف ڌار ٽرائل ٿي رهيو آهي.چيف جسٽس چيو ته الڳ الڳ جاچ سان ڪيئن حتمي نتيجي تي پهچنداسين، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا چيو هو ته هنن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ڪندي.چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر ناهي ته ملٽري وارا ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيا آهن، ڇو نه انهن کان به رپورٽ طلب ڪري وٺون، ائين نه سمجهو وڃي ته فوج وارا عدالتي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهن، مان چيف جسٽس جي حيثيت ۾ انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو سڀ اسان جي اختيار ۾ آهي.سپريم ڪورٽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي طلب ڪندي اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته بچاءُ وارو سيڪريٽري اچي ٻڌائي ته هن ڪيس ۾ جن فوجي آفيسرن جا نالا هئا، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي، عدالت کي انهن فوجي آفيسرن بابت ڪيل ڪارروائي جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

Bookmark the permalink.