تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

فنڊ روڪڻ وارو معاملو: ارسا ۾ پنجاب جي ميمبر پاران جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ارسا ۾ پنجاب جي ميمبر وزيراعظم کي خط لکي پنجاب جي ڊبليو ڪيپ منصوبي سوڌو ٽيلي ميٽري سسٽم منصوبي جا ورلڊ بينڪ پاران فنڊ روڪڻ واري مامري جي ٿرڊ پارٽي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي پاڻي وزارت جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ارسا ۾ پنجاب جي ميمبر رائو ارشاد وزيراعظم کي خط لکي پنجاب جي ڊبليو ڪيپ منصوبي ۽ ٽيلي ميٽري سسٽم منصوبي جا ورلڊ بينڪ پاران فنڊ روڪڻ واري مامري جي ٿرڊ پارٽي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خط ۾ هن پاڻي وزارت پاران ٽيلي ميٽري سسٽم منصوبي اڳيان رڪاوٽ وجهڻ واري رپورٽ کي غلط قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اصل ۾ اهو منصوبو مفادن جي جنگ جي ور چڙهي ويو، پاڻي وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري سيد مهر علي شاهه جيڪو اصل ۾ نيسپاڪ جو ملازم آهي ۽ پاڻي وزارت ۾ ڊپوٽيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن جي خواهش هئي ته ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ واري منصوبي جو ٺيڪو ايم ايم پاڪستان ڪمپني بدران سندس نيسپاڪ ڪمپني کي ملي، هن چيو ته مهر علي شاهه جي چوڻ تي ئي جنهن ڪمپني کي ٺيڪي ڏيڻ لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو هو ان جي اهليت کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو ويو، وزيراعظم جاچ ڪندڙ ٽيم ليڊر نعيم خان يا صلاحڪار ڪمال احمد کان به راءِ وٺي سگهي ٿو، وزيراعظم اسان جي موقف تي به نه لڳي ان مامري جي ٿرڊ پارٽي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته ان منصوبي سان ڇا ٿيو ۽ فنڊنگ واپس وٺڻ جو ذميوار ڪير آهي، هن چيو ته پاڻي وزارت ارسا ميمبرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ چاهي ٿي، مون لاءِ پنجاب حڪومت سان به رابطو ڪري ان تي دٻاءُ رکيو ويو ته ارسا ۾ ميمبر طور مقرري واپس ورتي وڃي، ذريعن مطابق ارسا ۾ پنجاب جي مقرر ميمبر رائو ارشاد ٽن صفحن جو خط لکيو آهي جنهن ۾ پاڻي وزارت جي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ڊبليو ڪيپ پنجاب جي منصوبي سوڌو ٽيلي ميٽري سسٽم جي ٿرڊ پارٽي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.