تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

فلم “ڪهي دل جڌر” جي ڪاسٽ ۾ ڊينو علي به شامل

ڪراچي (شوبز نيوز) جنيد خان ۽ منشا پاشا جي فلم “ڪهي دل جڌر” ۾ هونئن ته پاڪستان جا ڪيترائي مشهور اداڪار موجود آهن ۽ هاڻي هڪ ٻيو اداڪار هن فلم جي ٽيم جو حصو بڻجي ويو. آر جي ڊينو علي به هن فلم سان پاڪستاني سينما انڊسٽري ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي. فلم ۾ ان کانسواءِ ڪامران باري، روما مشيل به اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا. ڊينو علي جو چوڻ آهي ته فلم ۾ اهو پيغام ڏنو ويندو ته جيڪڏهن اوهان تبديلي چاهيو ٿا ته اوهان کي تبديلي پاڻ آڻڻي پوندي. اداڪار موجب هو فلم ۾ نهايت مزاحيه ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. فلم جي ڪهاڻي 5 دوستن تي ٻڌل آهي، جنيد هڪ پوليس آفيسر جو ڪردار ادا ڪري رهيو ۽ منشا هڪ صحافڻ بڻي آهي.

Bookmark the permalink.