تازا ترين
  • *ڄامشورو ۾ نوجوان ناري جو پيءُ تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام: پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو * ڄامشورو: پيءُ پاڻي بهاني ڪمري ۾ گهرائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي: ناري جو الزام * ڄامشورو: جوابدار سومر ملاح کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس *
  • *ڪشمور پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ هڪ جوابدار محمد حيات سبزوئيکي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*
  • *جهول ويجهو باهه لڳي وئي، پورهيتن جا 8 ڪکانوان گهر الهه تلهه سوڌو رک*
  • *گولاڙچي ويجهو ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا نواز خاصخيلي ۽ عظيم خاصخيلي فوت*
  • *مانجهند: سن ويجهو وين ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو 45 سالن جو چنيسر کوسو فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي*
  • *گمبٽ ۾ هڪ عورت حاڪم زادي ڪوري ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر*
  • *گمبٽ ڀرسان استري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت طيبه ڪليري فوت ٿي وئي*
  • *پيرڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن غلام شبير ڀنگر ۽ محمد قاسم ڀنگر مان هڪ غلام شبير ڀنگر فوت ٿي ويو*
  • *سکر: گهوٽڪي ويجهو مڙس جوابدار علي مراد شيخ پاران ڪارنهن تهمت هڻي زال مسمات ظھران کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ناري نازڪ حالت ۾ سکر ريفر * سکر: جوابدار علي مراد شيخ زال مسمات ظھران کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو * سکر: جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي نياڻي تي حملو ڪيو: وارث*
  • *سکر: پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ناري سِمرن ڌيءُ ڪيول مسيح درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 2 نالا تجويز * ڪراچي: سنڌ سرڪار ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏيا *
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي ٽئڪس ۾ رعايت: ڪابينا خدمتن تي ٽئڪس ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي * ڪراچي: گهريلو ملازمن جي پگهارن ۽ رجسٽريشن لاءِ رولز جي منظوري، موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ به ترميمي قانون جي منظوري ڏني وئي * ڪراچي: وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت، اربن اٿارٽي جوڙڻ جي به منظوري *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ طرفان سول سوسائٽي سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيا: ڏوهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ تي زور * ڪراچي: وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿي ويندو، ڪوبه بحران نه آهي: مرتضيٰ وهاب *
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*

فلم انڊسٽري جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سارا لورين

ٽي وي سان واڳيل ماڻهن فلم جي شعبي لاءِبهترين قدم کنيا

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ۽ ماڊل سارا لورين چيو آهي ته ٽي وي سان واڳيل ماڻهن فلم جي شعبي جي بحالي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن اهي بهترين آهن. هاڻي فلم سان واڳيل ماڻهن کي به گهرجي ته هو انهن جي حمايت ڪن ۽ اهڙي عمل ۾ ساڻن گڏ هلن ته جيئن فلم جو شعبو ترقي ڪري. هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلم انڊسٽري کي ترقي جي د تي آڻن لاءِ اڃا وڏيون منزلون ماڻڻ باقي آهن اڃا هتي فلمسازي جو نئون دور شروع ٿيو آهي پر گهڻا مسئلا آهن جن جي حل تائين عالمي مارڪيٽ ۾ رسائي ممڪن ناهي. اداڪارا سارا لورين چيو ته هن وقت پاڪستاني ڊراما پنهنجي عروج تي آهن جنهن طرح ماضي ۾ پاڪستاني ڊرامن کي پسند ڪيو ويندو هو اهڙي ريت اڄ به پاڪستاني ڊرامن کي پاڪستان کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڏٺو ۽ پسند ڪيو وڇي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو نوجوانن جو وڏو انگ هن شعبي کي اختيار ڪري رهيو آهي. سارا لورين چيو ته فلم سڀ کان مقبول شعبو آهي ان لاءِ اسان جا گهڻا ماڻهو هن شعبي ۾ قسمت آزمائي ڪري رهيا آهن ڪجهه کي ڪاميابي ملي آهي ۽ ڪجهه ان لاءِ محنت ڪري رهيا آهن پر اهو چوڻ درست ناهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري هاڻي مڪمل طور تي شوقينن جي دل ۽ دماغ تي ڇائنجي چڪي آهي ڇو ته ان لاءِ اڃا نوجوان فلم ميڪرز کي محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته فلم جو انداز هن وقت سڄي دنيا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. جهڙي ريت فلمسازي جي شعبي ۾ تبديلي آئي آهي اهڙي ريت فلم جي ڪهاڻي، ميوزڪ ۽ ٽيڪنيڪل شعبي ۾ به تبديلي آئي آهي اسان وٽ هيل تائين اهڙي ريت تبديلي کي قبول ناهي ڪيو ويو اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ فلم جو شعبو هيل تائين مضبوط ناهي.



Bookmark the permalink.