تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

فلسطيني نوجوان جا گهريلو شين کي توازن ۾ بيهاري انوکا ڪرتب

فلسطين ۾ مقبول نوجوان محمد الشنبري شين کي توازن ۾ بيهاري هڪ ٻئي مٿان رکڻ جو ماهر

محنت سان سکيو آهي ۽ هن ۾ جسم ۽ دماغ ٻنهي کي استعمال ڪرڻو پوي ٿو: محمد الشنبري

ڪراچي (دلچسپ نيوز) فلسطيني نوجوان محمد الشنبري جڏهن به ڪنهن شئي کي ڏسي ٿو ته هو ان جي توازن کي ڳولي ٿو ڇو ته هو شين کي هڪ ٻئي مٿان رکڻ جو ماهر آهي. غزا ۾ رهندڙ الشنبري چوي ٿو ته هن پنهنجي محنت سان اهو فن سکيو آهي. جنهن ۾ جسم ۽ دماغ ٻنهي کي استعمال ڪجي ٿو. هو ڳرين شين کي نهايت ڪاميابي سان هڪ ٻئي مٿان ائين رکي ٿو جيئن هو مقناطيس سان چنبڙيل هجن. اهڙي فن کيس فلسطين جي هڪ مشهور شخصيت بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي فن سان هوماڻهن جي مايوسي ختم ڪرڻ ۽ کين اميد ڏيارڻ جو ڪم به ڪري ٿو. ڪرسي جي هڪ پر تي هو گيس جي ٻن سيليندرن کي توازن ۾ بيهاري سگهي ٿو جيڪو هڪ حيرت جوڳو ڪم آهي هو شيشي جي عام بوتل تي ٽي وي رکڻ جو به ماهر آهي. الشنبري ٻڌايو ته سڀ کان ڏکيو ڪم صحيح مقام جو صحيح سهارو ڳولڻ آهي. نوجوان بابت مشهور آهي ته هو پنهنجي هٿن جي اشارن سان ماڻهن کي حيران ڪندو آهي جڏهن ته گذريل آڪٽوبر ۾ غذا ۾ ٿيل هڪ ميلي دوران هن پنهنجي حقيقي مهارت سان ٻين کي به دنگ ڪري ڇڏيو هو. محمد الشنبري باڊي بلڊر آهي ۽ ان جي تربيت به ڏيندو آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن مان اهو ڪريان ٿو ته مونکي ائين لڳي ٿو جيئن مون ۾ مقناطيسي قوت نڪري ان شئي ۾ وڃي رهي آهي ۽ هاڻي بوتلن کي آرام سان لٽڪائي سگهان ٿو. هن يوٽيوب تي هڪ ڪوريا جي اهڙي ماهر کي ڏٺو هو ۽ ان کانپوءِ هو پٿرن کي بيلنس ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين شين کي توازن ۾ بيهارڻ شروع ڪيو. هي غير معمولي صلاحيت دنيا جي ٿورن ماڻهن وٽ آهي.

Bookmark the permalink.