تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

فريدآباد: ناري جي اغوا الزام هيٺ آيل نوجوان جي ڀاءُ جي گهر کي باهه

فريدآباد (ن پ ا) ناري اغوا ڪري کڻي وڃڻ جي الزام هيٺ آيل نوجوان جي گهر کي مبينا طور پوليس پاران باھ. فريدآباد ويجهو ڳوٺ گل محمد جت مان ڪجھه ڏينھن اڳ مسمات حاجران گائينچو ۽ سندس معصوم ڌيءُ سونهن کي مبينا اغوا ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل نوجوان حاجي گائينچو جي پورھيت ڀاءُ رحيم گائينچو جي گهر تي مبينا پوليس چڙهائي ڪري گهر کي باھ ڏئي ڇڏي، پوليس جي اهڙي زيادتي خلاف ڳوٺاڻن رحيم بخش گائينچو ۽ سندس ڀائرن احتجاج ڪندي دانهيو ته پوليس سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هنن چيو ته گهر کي باهه ڏيڻ واري واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.