تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

فريدآباد مان نينگري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي سندس چاچو زخمي، 4 جوابدارن خلاف اين سي داخل

چئن جوابدارن گهر ۾ گهڙي نياڻي تبسم کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: فريادي

جاچ ڪئي آهي، اغوا واقعو ناهي، سڱاوتي تڪرار تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو: پوليس

فريدآباد(ن پ ا) فريدآباد مان نينگري کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي سندس چاچو، زخمي. پوليس واقعي کي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو قرار ڏئي ڇڏيو. ڏيرا پاڙي جي رهواسي الله بخش ڏيرو ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته چئن جوابدارن غلام حسين، مور، نياز ۽ ضمير ڏيرو گهر ۾ گهڙي سندس 14 ورھين جي نياڻي تبسم ڏيرو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن سندس ڀاءُ غلام علي ڏيرو کي ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ ميهڙ جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. فريدآباد پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي وئي آهي، اغوا جو ڪو به واقعو پيش ناهي آيو، نينگري جي پيءُ پاران سندس سڱ ٻئي هنڌ ڪرڻ تان سندن مائٽ ناراض ٿيا، جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو.



Bookmark the permalink.