تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

فاسٽ بالر ڪهڙي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو؟ تبديلي ته وقت سان گڏ ايندي آهي: امر جليل

آئون لکڻ دوران ڪنهن کان نه ڊڄندو هئس ته ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ يا وري نوڪري جو ڇا ٿيندو؟

اعزازي ڪاپي ڏيڻ خراب لڳندو آهي، جڏهن اعزازي ڪاپي ڏيندس، تڏهن لکڻ ئي ڇڏي ڏيندس

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) برک دانشور امر جليل چيو آهي ته آئون لکڻ دوران ڪنهن کان ڪونه ڊڄندو هئس ته ٻارن جو ڇا ٿيندو؟. ملڪيت جو ڇا ٿيندو؟ نوڪري جو ڇا ٿيندو؟ آئون ته ڇڙو ڇانڊهوندو هئس، خوف ڇا جو ڪريان پر مون کان وڌيڪ پبلشر خوف کائيندا هئا ڇو ته اهي رسڪ کڻڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا پر طارق اشرف اهو رسڪ کڻڻ لاءِ تيار هوندو هو ، اهو منهنجون ڪهاڻيون سهڻي رسالي ۾ شايع ڪندو هو، ان وقت سنڌ حڪومت سندس پويان پئجي وئي هئي ڪالهه اردو ڪانفرس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن کي اعزازي ڪاپي ڏيڻ مون کي خراب لڳندو آهي، جڏهن اعزازي ڪاپي ڏيندس، تڏهن لکڻ ئي ڇڏي ڏيندس. مون لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو نوجوان منهنجا ڪتاب خريد ڪري پڙهن ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن اهو خوف لڳندو آهي ته ڪٿي ماڻهو مون کي سڃاڻڻ کان ته انڪار ته نه ڪندا، حالانڪ مون کي اهو احساس آهي ته ماڻهو مون سان بي حد پيار ڪن ٿا، هن چيو ته مون لاءِ 85 سال عمر تمام گهڻي آهي، هن عمر ۾ ته ماڻهو هر شي ڇڏي ڏيندو آهي. مون پنج سنڌي اخبارن لاءِ لکيو پر مونکي رڳو هڪ جي خبر هئي ته هلال پاڪسان جو ايڊيٽر سراج آهي ۽ ان سان مليس، باقي جي خبر نه هوندي هئي ته ڪير آهن؟ هن چيو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ايتري آبادي ڪونه هئي، جيتري هاڻ وڌي آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندو ۽ سک ته هليا ويا پر پارسي ڇو ويا؟ ڇو ته انهن کي خبر هئي ته 50 سالن کانپوءِ هتي ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته ڪلڪتي ۾ چار ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا، اهو ڪراچي کان وڏو شهر آهي، اتي اڄ به ٽرام هلي ٿي پر ڪراچي ۾ بند ٿي وئي آهي، هن چيو ته خبر ناهي ته فاسٽ بالر ( وزيراعظم ڏانهن اشارو) ڪهڙي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو؟ تبديلي وقت سان گڏ اچي ويندي آهي. هن چيو ته آئون زندهه آهيان ته لکان ٿو، جيڪڏهن نه لکندس ته توهان سمجهجو ته آئون مري ويو آهيان، آئون نه لکندس ته ماڻهن کي پٿر هڻندس، آئون زندهه رهڻ لاءِ لکان ٿو. هن چيو ته شاعري ڪرڻ وارا گهڻا آهن، ان ڪري شاعري ڇڏي ڪهاڻي طرف آيس، اڄ به ڪهاڻيڪار گهٽ پر شاعر وڌيڪ آهن. آئون ماڻهن سان پيار ڪريان ٿو پر انهن کان بيزار به ناهيان، هن چيو ته گهر ڀاتي هن عمر ۾ ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪن ٿا، آئون ٻه ڀيرا هيٺ ڪري زخمي ٿي پيو آهيان.ٻئي طرف نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاھ، سينيئر صحافي ممتاز بخاري، نور احمد جنجھي چيو ته سنڌي ادب دٻاءُ جو شڪار رهيو پر سنڌي ٻولي ۾ لکيل ڪهاڻين معاشري تي گِهرا اثر ڇڏيا، موجوده وقت ۾ ڪهاڻي ۽ ناول ۾ تبديلي آئي آهي، اها دراصل سوچ ۾ تبديلي آهي، هنن چيو ته فطري ارتقاءَ سامهون غيرفطري ديوار بيهارڻ سان اها ديوار ڪرندي رهندي، “پاڪستاني ثقافت، تخليقي ۽ تنقيدي جائزو” واري سيشن ۾ صوبائي وزير ثقافت سردار شاھ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن ۾ٻولي جي حفاظت لاءِ پهرين يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي، قومي ثقافتي پاليسي لاءِ ضروري آهي ته وفاق سمورن يونٽن سان مشاورت ۽ اتفاق ڪري. هن چيو ته افسوس آهي ته نگر پارڪر ۾ ڪيميرا وارو موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت آهي پر عام ڪيميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي، برک ليکڪ امجد اسلام امجد جوچوڻ هو ته اها تاريخ رهي آهي ته هن خطي کي حملا ڪندڙن بار بار لتاڙيو آهي، اباسين يوسف زئي، افضل مراد، نذير لغاري ۽ ٻين چيو ته اديب سڀني لاءِ لکندا رهن ٿا، ڪوآپريٽو سيڪٽر تهذيبن کي نقصان پهچايو، سنڌ درياھ جي ڀرپاسي رهندڙ هڪ ئي تهذيب جو حصو آهن، نامياري اديب محمد حنيف چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه ڪامياب ٿئي يا نه پر اردو ٻولي ضرور ڪامياب ٿي آهي، مڊل ڪلاس پنجابين جو ٻولي سان رشتو مضبوط آهي، اسان جي دور ۾ استادن اردو به پنجابي ۾ پڙهائي، اڄ اسڪولن ۾ ٻار موڪلڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته ٻارن کي مادري ٻولي کان پري رکجي،



Bookmark the permalink.