تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

فاروق نائڪ وٽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ٽائيم ناهي، ڇا هتي سڀ فارغ ويٺا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ فاروق نائڪ جي غيرحاضري تي ناراض

وڪيل پيش نه ٿيا ته حيدر جمالي سوڌو ٻين جوابدارن جي ضمانت واپس ورتي ويندي: چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فاروق ايڇ نائڪ جي غيرحاضري تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو آهي ته وٽس عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ٽائيم نه آهي ته ڇا هتي سڀ فارغ ويٺا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سوڌو ٻين پوليس آفيسرز خلاف مبينا طور اربين رُپين جي ڪرپشن واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جي غير حاضريءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته فاروق ايڇ نائڪ جوابدارن جي ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پيش ئي نٿو ٿئي. اسان غلام حيدر جمالي ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت خارج ڪريون ٿا.
ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته فاروق ايڇ نائڪ وٽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وقت نه هوندو آهي، ته ڇا هتي سڀ فارغ ويٺا آهن. عدالت جوابدارن جي وڪيل کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته وڪيل پيش نه ٿيا ته جوابدارن جي عبوري ضمانت وارا حڪمناما واپس ورتا ويندا.



Bookmark the permalink.