تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

فاروق ستار کان مائيڪ کسي کنڀيلن جي ڪيمپ تان موٽايو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) گُم ٿيل ماڻهن جي احتجاجي ڪيمپ تي پهتل ڊاڪٽر فاروق ستار کان مائيڪ کسي کيس واپس موٽايو ويو. ان حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان گُم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري آهي، ڪالهه به انعام عباسي، تاج جويو، سهڻي جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج جاري هو ته ايم ڪيو ايم بحالي ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيمپ تي پهچي خطاب شروع ڪيو، سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي کانئس مائيڪ کسي چيو ته توهان سدائين سنڌ جي ورهاڱي جا نعرا هڻندا رهيا آهيو، توهان کي اسان جي احتجاجي ڪيمپ تي ڳالهائڻ جو ڪو حق ناهي، جنهن بعد فاروق ستار واپس روانو ٿي ويو.

Bookmark the permalink.