تازا ترين
  • امريڪا پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي لڳائي ڇڏي امريڪي ٽرانسپورٽ واري کاتي اي ميل ذريعي خصوصي اجازتنامو معطل ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو: ترجمان * پي آءِ اي امريڪا لاءِ پنهنجون اڏامون نه ٿي هلائي سگهي: پي آءِ اي ترجمان * امريڪا پائليٽس جي شڪي لائسنس کي پابندي جو ڪارڻ قرار ڏنو آهي: ترجمان *
  • *ڪراچي: عزير بلوچ، بلديا سانحي ۽ نثار مورائي جِي جيِ آءِ ٽيز پلبڪ ڪرڻ وارو معاملو *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي *سنڌ حڪومت ٽئي جي آءِ ٽيز پبلڪ ڪري ڇڏيون آهن: ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ *اسان کي خبر آهي ته سنڌ حڪومت جي آءِ ٽيز پبلڪ ڪري ڇڏيون آهن: جسٽس عبدالمالڪ گدي *عدالت وفاقي وزير علي زيدي جي درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي*
  • *هالا ۾ بجلي جي هاءِ پاور تارن ۾ زوردار ڌماڪو، هڪ لک 32هزار بجلي لائين جو لوپ ٽٽي پيو *بجلي تارن جي زوردار ڌماڪي سبب شهرين ۾ خوف، هالا، شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم فيڊر بند * بجلي جي ٽٽل تارن جو ڪم جلد مڪمل ڪري بجلي سپلائي بحال ڪئي ويندي: واپڊا انجنيئر*
  • *اسلام آباد: نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالقار علي کي عهدي تان هٽايو ويو *ذوالفقار علي کان نادرا جا مالي اختيار به واپس ورتا ويا *
  • *ڪي اليڪٽرڪ سنڌ ۾ آهي، لاپرواهيءَ تي سزا ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي: قومي اسيمبلي ۾ گوڙ *قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير عمر ايوب جي تقرير تي پ پ ميمبرز جو احتجاج ۽ گوڙ،شيم شيم جا نعرا *عمر ايوب ڪراچي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب جاني نقصان جو ذميوار سنڌ حڪومت قرار ڏئي ڇڏيو *ڪراچي ۾ نيڪال جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، انتطامي لاپرواهيءَ سبب پاڻي رستن تي بيهجي ويو: عمر ايوب *ڇا وفاقي وزير جي بيانبازي سان ڪراچي ۾ بجليءَ جو مسئلو حل ٿي ويندو؟ : ايم اين اي شازيا مري*ڪي اليڪٽرڪ ۾ سنڌ جو هڪ به نمائندو نه آهي، اسيمبلي ۾ ڪن پچائڻ بدران عملي ڪم ڪيو وڃي: شازيا مري *
  • *رائونتي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن جاري، ڳوٺ عمر شر تي چڙهائي، ڏوهارين سان مقابلو *پوليس جي پنج اي پي سي چين مشينون ساڻ ڪري ڳوٺ عمر شر تي چڙهائي *پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ هلندڙ، ڪجهه ڏوهاري زخمي ٿيا آهن: پوليس ذريعا *
  • *دادو ۾ سنڌ عوامي سٿ جي سڏ تي ڌاري آبادڪاري خلاف سوين ماڻهن جي احتجاجي ريلي *ميهر ڊٻائي جي اڳواڻي ۾ ميونسپل پارڪ کان ريلي ڪڍي وئي*
  • *مدئجي ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 51 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو*
  • *سيوهڻ تعلقي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 331 ٿي ويو *54ڄڻن مان 9 جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي*
  • *ٺل: رياض ڪالونيءَ ۾ لاش هٿ، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو *ٺل ڀرسان هٿ آيل لاش جي اعظم ڀٽي طور سڃاڻپ ٿي وئي*
  • *پنگريو ۽ ڀرپاسي ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، فصل کائي ناس *ماڪڙ جا ڦٽين ۽ سبزين جي فصل تي حملا، انتظاميا تحرڪ نه ورتو *
  • *ڪنري ويجهو پيرسن پاڻي ڀرڻ دوران پير ترڪڻ سبب تلاءُ ۾ٻڏي فوت *ڳوٺ عزيز گپنو ۾ 65 ورھين جو مصري ڀيل فوت ٿي ويو*
  • *جيڪب آباد ۾مغوي نينگري جي بازيابي لاءِ چڙهائي،جوابدارن جي مزاحمت، پوليس واپس *عدالتي حڪم تي صفيا بروهي جي بازيابي لاءِ پوليس غريب آباد پاڙي ۾چڙهائي ڪئي *جوابدارن جي پوليس سان منهن ماري، بااثرن جي مداخلت بعد پوليس واپس رواني *پوليس بااثرن کان رشوت وٺي ڀيڻ کي بازياب نه پئي ڪرائي: مغوي نينگري جو ڀاءُ *

غوثپور ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ٽئنڪر ڊرائيور جو لاش وارثن حوالي، وارثن جو واقعي خلاف ۽ ٻن ڄڻن جي بازيابي لاءِ احتجاج، پوليس جو آپريشن

مقتول حفيظ الله پٺاڻ جي وارثن احتجاج ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڦر ڪوشش دوران مزاحمت تي مارجي ويل ٽئنڪر ڊرائيور ۽ اغوا ٿيل ٻن ڄڻن جي بازيابي لاءِ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي وٽ انڊس هاءِ وي تي ڦر ڪوشش دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪوهاٽ واسي ڊرائيور حفيظ الله پٺاڻ جو لاش وارث کڻائي ويا، ٽئنڪر ڊرائيور جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندس ٻن ساٿين زوھيب ۽ فردوس پٺاڻ جي بازيابي لاءِ اڄ صبح سان ئي ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي ھدايتن تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن ڪچي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي. سرچ آپريشن دوران پوليس کي اڃا تائين ڪا به ڪاميابي نه ٿي سگهي آھي. هواڏانهن قتل ٿيل ڪوهاٽ واسي ٽينڪر ڊرائيور حفيظ الله پٺاڻ جو لاش کڻائڻ لاءِ سندس وارث ڪوهاٽ مان غوثپور اسپتال پهچي ويا، جن احتجاج ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.