تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

غوثپور ويجهو 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن ڀائرن کي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائي ورتو

غوثپور ( ن پ ا) ڳوٺ نواب خان ڏاهاڻي مان 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن ڀائرن اربيلو ڏاهاڻي ۽ بابو ڏاهاڻي کي پوليس ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايڇ او اعجاز احمد کوسي موجب ڌاڙيل هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ مغوين کي وڪرو ڪرڻ لاء منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ڪچي جي ڍنڍي واري علائقي ۾ ناڪابندي ڪري مغوين کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو. مغوين جي بازيابي جو اطلاع پوڻ بعد مغوين جي گهرن ۽ علائقي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.

Bookmark the permalink.