تازا ترين
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

غوثپور: دراني مهر پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي آيل نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

30 ورهين جي نوجوان ثناءُ الله کوسو کي عورتاڻي آواز تي ڪچي ۾ گهرايو ويو

نمبر ٽريس ڪري اسان نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچايو آهي: دراني مهر پوليس

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ڀرسان پوليس ڪچي جي علائقي ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي آيل نوجوان ثناءُ الله کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، اوٻاڙي واسي 30 ورھين جي نوجوان ثناءُ الله کوسو کي ڪچي جي ڏوھارين عورتاڻي آواز تي گھرائي کيس شادي جو آسرو ڏنو، نوجوان عورتاڻي آواز تي حرکجي دراني مهر ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ پهچي ويو، موبائل نمبر ٽريس ٿيڻ بعد دراني مھر پوليس ڇاپو هڻي نوجوان کي سوگهو ڪري ڏوهارين طرف وڃڻ کان روڪي کيس اغوا ٿيڻ کان بچايو، پوليس جو چوڻ هو ته ڏوھارين عورتاڻي آواز تي نوجوان کي ڪال ڪري شادي جو آسرو ڏئي ڪچي طرف اچڻ جو چيو ته نوجوان دوکيبازي ۾ اچي ڪچي جي علائقي ۾ پهتو، ڪال ٽريس ٿيڻ تي ڪاروائي ڪري کيس اغوا کان بچايو آهي،واضع رھي ته غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ اھڙيون وارداتون عام بڻيل آھن، انتظاميان پاران دوکيبازي ۾ اغوا ٿيڻ کان مک چوراهن تي وڏا بورڊ به لڳايا ويا آهن پر عورتاڻي آواز تي ماڻهن جي اغوا ٿيڻ وارو عمل هن محل تائين رڪجي ناهي سگهيو۔.

Bookmark the permalink.