تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

غني مجيد سوڌو 7 جوابدارن نيب سان پلي بارگين ڪري ورتي: اسٽيل ملز جي غيرقانوني طور الاٽ ٿيل پوڻا 11 ارب رُپين جي زمين واپس

احتساب عدالت 6 جوابدارن جي پلي بارگين جي درخواست منظور ڪري ورتي

جوابدار محمد توصيف سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ به تيار آهي :نيب اختياريون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب غيرقانوني طور الاٽ ٿيل پوڻا 11 ارب جي زمين اسٽيل ملز کي واپس ڪرائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. 7 جوابدارن پلي بارگين ڪري ورتي، محمد توصيف 42 ڪروڙ رُپيا روڪ رقم واپس ڪرڻ سان گڏ سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ به تيار ٿي ويو.
مني لانڊرنگ ۽ غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل جوابدارن حماد شاهد، عبدالغني، طارق بيگ، محمد اقبال، محمد توصيف، عامر ۽ سراج شاهد نيب اختيارين سان پلي بارگين ڪري ورتي آهي. نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر قمر شهزاد پلي بارگين ڪندڙ 7 جوابدارن کي اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو.
نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر احتساب عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڄاڻايل 7 جوابدارن طرفان پلي بارگين لاءِ داخل ڪرايل درخواست نيب چيئرمين منظور ڪري ورتي آهي. عدالت جوابدارن کان پُڇيو ته ڇا توهان تي پلي بارگين لاءِ ڪنهن قسم جو دٻاءُ آهي؟ جنهن تي جوابدارن چيو ته مٿن ڪنهن به قسم جو دٻاءُ نه آهي ۽ رضا خوشيءَ سان پلي بارگين ڪري رهيا آهن. احتساب عدالت جوابدارن جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪري ورتي.
نيب جي جاچ آفيسر جا انڪشاف
نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار طارق بيگ 33 ۽ محمد اقبال 50 ايڪڙ زمين واپس ڪئي آهي، اُن کانسواءِ جوابدار عامر 40، سراج شاهد 50، عبدالغني مجيد 37 ايڪڙ ۽ حامد شاهد کان 34 ايڪڙ زمين واپس ورتي وئي آهي. هُن دعويٰ ڪئي ته غيرقانوني طور الاٽ ٿيل 10 ارب 66 ڪروڙ رُپين جي ماليت واري زمين اسٽيل ملز کي واپس ڏياري وئي آهي.
نيب جي جاچ آفيسر موجب زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ جوابدار محمد توصيف 42 ڪروڙ رُپين جي روڪ رقم به واپس ڪئي آهي، هو سلطاني شاهد بڻجڻ لاءِ به تيار آهي.

Bookmark the permalink.