تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

غلام علي پاشا، ڪلثوم ۽ قادر منگي جي مائٽن سوڌو 150 ڊاڪٽرن جي سڌي ڀرتي بابت جاچ شروع

2010ع دوران سياسي بنيادن تي 150 ڊاڪٽر سڌي ريت ڀرتي ٿيا

ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ ڪو به اشتهار جاري نه ڪيو ويو ۽ نه ئي وري انٽرويو ٿيا

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ليبر کاتي جي ماتحت اداري سيسي ۾ سڌي ريت سياستدانن ۽ آفيسرن جي زالن، پٽن ۽ ڌيئرن سميت ٻيا مائٽ ڀرتي ٿيڻ جو انڪشاف، جاچ شروع، ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار” کي مليل ڄاڻ موجب سيسي ۾ اهم عهدن تي ويٺل ٽن وڏن آفيسرن ڊائريڪٽر (پرڪيورمينٽ) سعادت حسين ميمڻ، ميڊيڪل ايڊوائيزر ممتاز شيخ ۽ سي ايم او لانڍي اڪرم شيخ جي مبينه طور غيرقانوني طور ڀرتي ٿيڻ ۽ ترقيون ملڻ واري معاملي جي جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن ٽيم انڪوائري جو دائرو وڌائي ڇڏيو. ذريعن موجب ابتدائي جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته 2008ع ۽ 2010ع دوران کاتي ۾ سياسي بنيادن تي 150 کان وڌيڪ ميڊيڪل آفيسر سڌي ريت ڀرتي ڪيا ويا، جڏهن ته 2010ع ۾ ميڊيڪل آفيسرن جون سيٽون صرف 35 هيون. اهڙي انڪشاف بعد اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر ڪمشنر سيسي کي خط لکي 2008ع کان هن وقت تائين سمورن ڪيڊرن ۾ آفيسرن جي ٿيل ڀرتين توڙي ترقين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن طرفان اماڻيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 20116-017، 2017-018 ۽ 2018-019 دوران دوائن جي خريداري جا سمورا تفصيل پڻ فراهم ڪيا وڃن، انهي عرصي دوران کاتي ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، انهن جو رڪارڊ پڻ فراهم ڪيو وڃي. ليٽر ۾ڄاڻايو ويو ته 9 ڊسمبر تي رڪارڊ لاڳاپيل آفيسر ذريعي جاچ ٽيم ڏانهن موڪليو وڃي. ٻئي طرف ذريعن موجب 2008ع ۾ اڳوڻي سيسي ڪمشنر سعيد اعواڻ جو ڀاءَ محسن اعواڻ ڀرتي ٿيو، سندس ڀاڄائي ناهيد اعواڻ وري 2007ع ۾ ڀرتي ٿي، جنهن کي 2012ع ۾ ترقي ملي، اهڙي ريت 2007ع ۾ اڳوڻي سيڪريٽري عبدالقادر منگي جو پٽ انيس قادر منگي ڀرتي ٿيو، جنهن کي 2012ع ۾ ترقي ملي، اڳوڻي چيف سيڪريٽري غلام علي پاشا جي ڌيءَ شفا پاشا ۽ پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀيڻ بلقيس چانڊيو 2010ع ۾ ڀرتي ٿيون، 2008ع ۾ صوبائي سيڪريٽري اختر غوري جي زال ڊاڪٽر انيلا غوري ۽ 2007ع ۾ پي ٽي آءِ ايم اين اي رميش ڪمار وانڪواڻي جي زال ڊاڪٽر سويتا ڀرتي ٿيون، جنهن کي وري 2011ع ۾ ترقي ملي، اهڙي نموني سڌي ريت 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيلن ۾ ٻين سياستدانن ۽ آفيسرن جا مائٽ به شامل آهن، جن کي مبينه طور سياسي بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو، انهن ڀرتين لاءِ اخبارن ۾ ڪو به اشتهار جاري نه ڪيو ويو ۽ نه ئي وري انٽرويو ورتا ويا، پهرين مرحلي ۾ انهن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، اڳتي هلي کين پڪو ڪيو ويو ۽ جنهن بعد اهي ترقيون ماڻيندا ويا. ذريعن موجب 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيل اهي ڊاڪٽر ترقيون ماڻي هن وقت 18هين هين گريڊ ۾ آهن، جن مان سياسي آشيرواد رکندڙ ڪجهه ڊاڪٽر وري ڊيپوٽيشن تي مختلف انتطامي پوسٽن تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. هوڏانهن سيسي ڪمشنر ڪاشف گلزار شيخ اينٽي ڪرپشن جو نوٽيس/ ليٽر ملڻ جي تصديق ڪندي چيو ته 9 ڊسمبر تي جاچ ٽيم کي رڪارڊ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته اينٽي ڪرپشن وٽ جاچ هلي پئي، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ئي حقيقتون سامهون اينديون،

Bookmark the permalink.