تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

عورت سان لڄالٽ وارو واقعو موٽروي تي پيش ناهي آيو: ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ بدران منهنجِي استعيفيٰ تي بحث پيو ٿئي:مراد سعيد

واقعي جو مان ذميوار آهيان ۽ رياست مدينا ذميوار آهي: وفاقي وزير مراد سعيد

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته عورت سان لڄالٽ وارو واقعو موٽروي تي پيش ئي ناهي آيو، افسوس آهي ته ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ بابت بحث ٿيڻ بدران رڳو منهنجِي استعيفيٰ تي بحث ڪيو پيو وڃي. ٻيو پنجاب فرانزڪ ليب ڪنهن ٺاهيو ان تي بحث هلي رهيو آهي. مراد سعيد چيو ته 130 تي ڪيل ڪال مان پاڻ ٻڌي آهي. جن جي ذميواري هئي انهن سان رابطو ڪرايو ويو. واقعي جتي به ٿيو مان ان جي ذميواري کڻان ٿو. خدا جي واسطي اهو بحث نه ڪيو وڃي ته ليب ڪنهن ٺاهيو ۽ مراد سعيد ڪٿي آهي. موٽروي واقعي جو ذميوار آهيان، رياست مدينا ذميوار آهي.

Bookmark the permalink.