تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

عمرڪوٽ ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، برساتي پاڻي ۾ نوجوان ٻڏي ويو، بچائيندي پيرسن ماءُ به ٻڏي فوت

عمرڪوٽ(رپورٽ: محمد علي ڪنڀر) عمرڪوٽ ڀرسان ھانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آھي جتي پيرسن ماءُ ۽ پٽ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ پوليس موجب عمرڪوٽ تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جانھيرو ڀرسان شير محمد شاھاڻي ۾ 40 سالن جي لالجي پٽ ڪرڙ ڀيل کي مرگھي جي بيماري ھجڻ ڪري گھرن جي ڀرسان بيٺل برساتي پاڻي ۾ ڪري پيو جنھن کي بچائڻ لاءِ ويندڙ سندس جيجل ماءُ 70 سالن جي راڄٻائي زال ڪرڙ ڀيل برسات جو پاڻي وڏو ھجڻ ڪري کڏ ۾ ھلي وئي جنھن بعد ٻنھي ماءُ ۽ پٽ جا لاش ڪڍيا ويا ۽ اطلاع تي پوليس ۽ ڳوٺاڻا پُھچي ويا، فوتين جو لاش سندس گھر پُھچڻ محل روڄ راڙو ۽ ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ھڪ ئي وقت ماءُ ۽ پٽ جا لاش کڄڻ وقت سوڳوار ماحول ٿي ويو پوليس موجب  واقعي جي اتفاقي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي.

Bookmark the permalink.