تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

عمرڪوٽ: غذائي کوٽ ۽ نمونيا وگهي مهيني اندر 6 ٻارڙا فوت، 30 اسپتال ڀيڙا

سول اسپتال ۾ هلندڙ مهيني دوران غذائي کوٽ ۽ نمونيا وگھي 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا

فوتي ٻارڙن ۾ 3 مهينن جي سنيتا، 2 مهينن جي پوجا، پرڪاش، پير بخش ۽ ٻيا شامل

عمرڪوٽ (رپورٽ: محمد علي ڪنڀر) عمرڪوٽ ۾ غذائي کوٽ ۽ نمونيا وگهي 6 ٻارڙا فوت، 30 کان وڌيڪ اسپتال داخل. خبر موجب سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ هلندڙ مهيني دوران غذائي کوٽ ۽ نمونيا وگھي 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن. فوتي ٻارڙن ۾ 3 مهينن جي سنيتا، 2 مهينن جي پوجا، هڪ ڏينهن ٻارڙي، 6 مهينن جو پير بخش، 6 مھينن جو پرڪاش، نظير احمد جو هڪ ڏينھن جو ٻارڙو شامل آهن، جڏهن ته نمونيا ۾ مبتلا 30 کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتال ۾ داخل آھن. ان ڏس ۾ ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري ھڪ ئي بيڊ تي 2 کان 3 ٻارڙن کي رکيو ويو آهي. وارثن موجب اسپتال ۾ علاج جون سھولتون پڻ نه ھئڻ برابر آھن ۽ اڪثر دوائون خانگي ميڊيڪل اسٽورن تان آڻڻيون پون ٿيون. ان حوالي سان پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اعظم کوسو چيو ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ نمونيا ۽ غذائي کوٽ آھي. هن چيو ته ٻارڙن کي وارث ڪمزور حالت ۾ اسپتال کڻي اچن ٿا، جنهن ڪري هو علاج دوران فوت ٿي وڃن ٿا.



Bookmark the permalink.