تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

عمران فاروق ڪيس: برطانوي پوليس طرفان اسلام آباد جي عدالت ۾ رڪارڊ پيش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) برطانوي پوليس عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جاچ ۽ جوابدار جو رڪارڊ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران فاروق قتل ڪيس تي بڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس سان واسطو رکندڙ 3 شاهدن سان گڏ جوابدارن خالد شميم، محسن ۽ معظم علي پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران برطانوي پوليس جي چيف انويسٽيگيشن آفيسر اسٽيورٽ گرين وي بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ ٻڌايو ته عمران فاروق قتل ڪيس جي جاچ جو نالو ”آپريشن هيسٽار“ رکيو آهي. عدالت آڏو برطانوي پوليس جي چيف جاچ آفيسر رڪارڊ پيش ڪيو، جڏهن ته جوابدار محسن علي جو ڪاليج ۾ حاضري ۽ تعليمي رڪارڊ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران جوابدارن محسن علي جي برطانيا پهچڻ جي حوالي سان دستاويز توڙي اي ميلز به عدالت ۾ پيش ڪيون ويون.

Bookmark the permalink.