تازا ترين
  • پ پ ايم پي اي علي مردان شاهه لاڏاڻو ڪري ويو*عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ علي مردان شاهه ڪيترائي ڀيرا وزير ۽ ايم پي اي رهيو*علي مردان شاهه صوبائي وزير سردار شاهه جو مامو ۽ ضلعي چيئرمين نور علي شاهه جو ڀاءُهو
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

عمران عباس، عائزا خان کي پسنديده ساٿي اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار عمران عباس انسٽاگرام تي عائزا خان سان هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي ۽ سندس واکاڻ ڪندي سندس ٿورا به مڃيا آهن. عمران عباس پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته اوهان منهنجي سڀ کان پسنديده ساٿي اداڪارا آيو، پوءِ کڻي اهو “تم ڪون پيا” هجي، محبت تم سي نفرت هي، ڪوئي چاند رک يا وري ٿوڙا سا حق ڊرامو هجي، اسان کل ڀوڳ سان گڏ هڪ پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري ورتو پر مان اوهان لاءِ اهو چوندس ته يقينن اوهان هڪ بهترين اداڪارا آهيو جنهن کي بهترين ٽيلينٽ سان نوازيو ويو آهي، الله اوهان کي وڌيڪ ڪاميابي ڏئي. هن پوسٽ تي عائزا خان به ٿورا مڃيندي مزاحيا انداز ۾ لکيو ته پر مون مان اميد نه رکو ته مان توهان جي واکاڻ ڪنديس. هڪ ٻئي ڪمينٽ ۾ اداڪارا عمران عباس جي واکاڻ ڪندي لکيو ته حقيقت ۾ اوهان هميشه کان منهنجا پسنديده ساٿي اداڪار آهيو ۽ منهنجو بهترين دوست بڻجڻ لاءِ اوهان کي مبارڪ هجي. خيال رهي ته ٻنهي شوبز شخصيتن جي ڊرامي ٿوڙا سا حق جون هيل تائين 12 قسطون سامهون آيون آهن. هن ڊرامي ۾ عائزا خان ۽ عمران عباس سان گڏوگڏ مشال خان، صبا فيصل، فردوس جمال، ندا ممتاز ۽ شان بيگ به اهم ڪردار نڀائي رهيا آهن.



Bookmark the permalink.