تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

عمران سرڪار ابراج گروپ کي فرار ٿيڻ جو موقعو پئي ڏئي؛ حافظ نعيم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عمران حڪومت سميت سموريون حڪومتون ڪي اليڪٽرڪ وارن تي فدا آهن، عمران خان، اسد عمر ۽ سندن معاشي ٽيم ابراج گروپ کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏئي رهي آهن ڪالهه حافظ نعيم الرحمان سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي هاءِ ڪورٽ بار کي 27 سيپٽمبر تي حقوق ڪراچي مارچ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني، ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪراچي وارن جي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهيون، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي اگهه ۾ گهٽتائي آڻي سندس لائسنس رد ڪيو وڃي، هن چيو ته جڏهن ڪراچي وارا ٻڏي رهيا هئا ته عمران خان بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڪي اليڪٽرڪ وارن کي نوازي رهيو هو، جڏهن ته وفاقي سرڪار ڪي اليڪٽرڪ وارن کي 5 ارب رپين جي سبسڊي پڻ ڏني، هن چيو ته ابراج گروپ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي فنڊ ڏنا، جنهن جي قيمت وري ڪراچي واسين کان وصول ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته ڪراچي کي پيرس نه بڻايو، رڳو ڪراچي کي ڪراچي ئي رهڻ ڏيو.

Bookmark the permalink.