تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

علي گوهر مهر اسلام آباد روانو: وزيراعظم سان ملاقات جا امڪان

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) مهر برادري جي چيف سرداري واري معاملي تان تڪرار ختم نه ٿيو، محمد بخش مهر به طاقت ڏيکارڻ لاءِ برداري جو ڪٺ گھرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر صدر۽ گورنر سان ملاقات کانپوءِ اسلام آباد روانو، وزيراعظم سان ملاقات جو امڪان، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب گھوٽڪي ۾ چيف سرداري واري پڳ واري معاملي تي مهر برادري اڃا تائين متحد نه ٿي سگھيو آهي نه ئي وري علي گوهر مهر ۽ محمد بخش مهر وچ ۾ سرچاءُ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. علي گوهر مهر پاران پڳ ٻڌڻ لاءِ برادري جي ماڻهن کي گوهر پيلس تي گھرائڻ بعد ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد بخش مهر به برادري جي ماڻهن کي گھرائي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان محمد بخش مهر پنهنجن اتحادين ۽ ساٿ ڏيندڙ گھوٽڪي جي مقامي سردارن ۽ سياستدانن سان صلاح مشورا به شروع ڪري ڇڏيا آهن، ٻئي پاسي علي گوهر سان 2 ڏينهن اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ن سندس رهائشگاھ تي پهچي ملاقات ڪئي ۽ چيف سردار ٿيڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون. ذريعن موجب ملاقات دوران علي گوهر مهر کين سنڌ حڪومت پاران قبيلائي تڪرار دوران کنيل قدمن کان به آگاهي ڏني وئي هئي، هن خواهش ظاهر ڪئي ته وزيراعظم سان سندس ملاقات ڪرائي وڃي، گرين سگنل ملڻ بعد ڪراچي۾ ترسيل علي گوهر مهر ڪالهه اسلام آباد روانو ٿي ويو. ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر چيو ته اسلام آباد وڃڻ جو اوچتو پروگرام ٺهيو آهي، اسلام آباد ۾ اهم شخصيتن سان ملاقاتون رٿيل آهن ، انهن ملاقاتن بابت اڳواٽ ڪجهه ٻڌائي نٿو سگھان.

Bookmark the permalink.