تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

عسڪري قيادت سان ملاقاتن جي ڳالهه نڪتي ته 2014ع جي ڌرڻي کان چونڊن تائين ويندي: نواز ليگ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ نواز چيو آهي ته عسڪري قيادت سان ملاقاتن جي ڳالهه نڪتي ته 2014ع جي ڌرڻي کان چونڊن تائين ويندي،عمران خان گلگت چونڊن سبب شهبازشريف کي گرفتار ڪرائڻ چاهي ٿو، پارليامينيٽ ۾ حڪومت سان هاڻي سهڪار نه ڪنداسين. مسلم ليگ نواز جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان شهبازشريف کي گلگت بلتستان ۽ لوڪل گورنمينٽ اليڪشن جي ڪري گرفتار ڪرائڻ چاهي ٿو. مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪو عوام جو مينڊيٽ نه کڻي اچي اهو عوام جي تڪليفن جو ازالو ڪيئن ڪندو، هڪ ڪرپٽ ٽولو پاڪستان تي ٿاڦيو ويو آهي، اسان هن سليڪٽڊ حڪومت سان پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ڪو سهڪار نه ڪنداسين، اسپيڪر پارلياماني ليڊرن جو اجلاس گهرائڻ جو اختيار نٿو رکي، ان سان به ڪو سهڪار نه ڪيو ويندو. هن چيو ته شهبازشريف خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جي شاهدن جي بيانن ۾ ڪٿي به ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو الزام نه آهي، ٻئي طرف نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته شيخ رشيد کي پول پڌرو ڪرڻو آهي ته پوءِ ٻي طرف کان به جواب ايندو، آرمي چيف سان سياسي اڳواڻن جي ملاقات جي حوالي سان جيڪو گائيڊڊ ميزائل فائر ٿيو آهي اهو حڪومت کي ٻوڙي ڇڏيندو. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اي پي سي کان اڳ ٿيل ملاقات جو اپوزيشن جي موقف تي ڪوبه فرق نه پيو، هي ملاقاتون اڄ جي ڳالهه ناهن، جيڪڏهن ڳالهه هلائي پئي وڃي ته صرف آگسٽ جي آخر يا 7 سيپٽمبر تائين محدود نه رهندي پر 2014ع جي ڌرڻي کان شروع ٿيندي ۽ پوءِ اليڪشن تائين ويندي. هن چيو ته بجيٽ ڪالهه جي ڳالهه آهي، ڇا بجيٽ اجلاس ۾ حاضري عمران حڪومت پوري ڪري سگهي ٿي؟، ايف اي ٽي ايف قانونسازي جي پردي پويان ڇا ٿيو؟ هن شيخ رشيد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو شخص پاڻ کي گيٽ نمبر 4 جو ترجمان ٻڌائي ٿو، جيڪڏهن ان ئي معاملو چوريو آهي ۽ پول پڌرو ڪيو آهي ته پوءِ هڪ طرفيون ڳالهيون نه ٿينديون، پوءِ ٻئي طرف کان به جواب ايندو، هي جيڪي چون ٿا ته هڪ پيج تي آهن، ان پيج کي به پڙهيو ويندو. راڻا ثناءُ الله حڪومت ۽ فوج جي هڪ پيج تي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته هي هڪ پيج تي ناهن، هو ڪاٿي ٿا مڃن ته سليڪٽڊ آهن، اسان هلي نه پر هلايا پيا وڃو. فضل الرحمان جي آرمي چيف سان ملاقاتن بابت هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جڏهن ڌرڻو ختم ڪري رهيو هو ته هن چيو هو ته اسان سان ڪجهه واعدا ڪيا ويا آهن، ٺيڪ آهي ان جي ملاقات ٿي هوندي، جيڪڏهن ان ملاقات جو هڪ حصو پنڊي وارو صاحب ٻڌائي رهيو آهي ته پوءِ ٻيو حصو مولانا فضل الرحمان کي به ٻڌائڻو پوندو، محمد زبير کي به ٻڌائڻو پوندو ته هو ڄاڻايل ٻن ملاقاتن کانسواءِ به ڪڏهن عسڪري قيادت سان مليو آهي يا نه؟

Bookmark the permalink.