
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عرفان بلوچ کي ايف آءِ اي ۾ موڪلڻ وارو حڪم رد ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، صوبائي حڪومت جي هدايتن تي ايس اينڊ جي اي ڊي طرفان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جيوفاقي سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي عرفان بلوچ کي بنا ٻڌائڻ جي ايف آءِ اي ۾ موڪليو ويو آهي ، کيس ايف آءِ اي ۾ موڪلڻ وارو اهو آرڊر رد ڪيو وڃي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ حڪومت وٽ سينيئر پوليس آفيسرن جي کوٽ آهي، تنهنڪري عرفان بلوچ جون خدمتون واپس ڪيون وڃن