تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

عراق ۾ حڪومت مخالف مظاهرين جي ڪيمپ تي حملو، 12 ڄڻا مارجي ويا

بغداد (ڊيسڪ رپورٽ) عراق جي دارالحڪومت بغداد ۾ حڪومت مخالف مظاهرين جي ڪيمپ تي هٿياربندن جي حملي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، غير ملڪي خابرو اداري موجب دارالحڪومت بغداد ۾ السينڪ پل جي ويجهو واقع عمارت ۾ حڪومت مخالف مظاهرين ڪيترن ئي هفتن کان ويٺل آحن، هٿياربندن انهن جي ڪيمپ تي حملو ڪري ڏنو، اکين ڏٺن شاهدن موجب هٿياربندن مظاهرين جي عمارت خالي ڪرائڻ جو چيو ، انڪار تي ٽرڪ ۾ سوار هٿياربندن عمارت تي حملو ڪري ڏنو، ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ درجنين زخمي ٿي پيا آهن، ٻن مهينن کان وڌيڪ وقت کان پرتشدد مظاهرن کانپوءِ عراق جو وزيراعظم ڪجهه ڏينهن اڳ مستعيفي ٿيڻ جو اعلان به ڪيو هو پر ان جي باوجود عراق ۾ مظاهرا جاري آهن.



Bookmark the permalink.