تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

عادلپور ڀرسان گھر جي جاءِ ۽ زمين تان جهيڙو،2 ڄڻا زخمي، پيرسن گھر مان بي دخل

عادلپور (ن پ ا) عادلپور لڳ کوھارا ڀرسان ڳوٺ ستار بخش ڀيو ۾ زمين ۽ گهر جي جاءِ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا پرويز علي، ۽جاويد پٽ سچيڏنو ڀيو لٺيون، سروٽا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جنهن جي عادلپور ٿاڻي تي حنيف ۽ ٻين خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، فريادي سچيڏنو ڀيو جو چوڻ هو ته پنجاهه سالن کان پنهنجي گهر ۾ رهائش پذير آهيان، مٿين جوابدارن منهجي گهر کان بي دخل ڪرڻ لاءِ لٺين سروٽن سان حملو ڪيو ۽ مون کي ۽ منهجي پٽن کي زخمي ڪيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.