تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

طوفان ۾ حياتيون وڃائيندڙ مهاڻن جا وارث اڄ به سوڳوار: سرڪاري اعلان اڌورا رهجي ويا

سجاول (رپورٽ مشتاق سعيد) سجاول جي سامونڊي پٽي تي 19 مئي 1999ع ۾ آيل طوفان کي سڀاڻي 21 سال مڪمل ٿيندا، 21 سال اڳ طوفان ۾ فوت ٿي ويل ۽ گم ٿي ويل 747 ماھيگيرن جا وارث اڄ به پيارن کي ساري اوڇنگارون ڏين ٿا، طوفان وقت نيون پرڻيل ڪنوارون جواني ۾ بيواھ ٿيڻ بعد ھاڻي جھونيون ٿي چڪيون آھن سندن زندگيون زھر بڻيل، اڄ به گم ٿيل ماھيگيرن جي واپس اچڻ جي آس ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل آھن. 19 مئي 1999ع تي سنڌ جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرايل طوفان سوين ڳوٺ اجاڙي ويو، ڪيترائي ماڻھو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا جن جو ڪو پتو ئي نه پئجي سگھيو اطلاع آھن ته طوفان دوران گم ٿيل ڪجھه ماھيگير ڀٽڪي ڀارت جي حدن ۾ پھتا جن کي اتان جي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو پر سندن ڪا تصديق نه ٿي سگھي ان باوجود سندن وارث اڄ به سندن واپس اچڻ جي آس لڳائي اکيون سندن اوسيئڙي ۾ راھ ۾ ٽڪائي ويٺل آھن ماھيگيرن جي وارثن جو چوڻ آھي ته طوفان وقت نيون پرڻيل ڪيتريون ئي ونيون جواني ۾ ئي بيواھ ٿي ويون ھيون ۽ ڪيترن جي ورن جا لاش ئي نه مليا اھي ناريون ھاڻي پوڙھيون ٿي وڃڻ باوجود پنھنجي مڙسن جي واپس موٺڻ جي اميد تي جي رھيون آھن ۽ سندن زندگيون درد جو داستان بڻيل آھن.

Bookmark the permalink.