تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

طوفان سبب چئن ضلعن جا 59 ڳوٺ شديد متاثر، 10 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو

سجاول، بدين، ٺٽو ۽ ملير جا سوين ڳوٺ ۽ ساحلي پٽي تي آباد گهر متاثر ٿيا، ڳوٺن مان 294 لاش هٿ

سجاول/ جاتي: طوفان سبب ملير، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جا 59 ڳوٺ شديد متاثر ٿيا جڏھن ته 38 ڳوٺن مان 294 لاش ھٿ ڪيا ويا جن مان 85 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي سگھي. طوفان سبب ڏيپلو، رحمڪي بازار، شيخاڻي گھاڙي، روپا ماڙي، شيخ ڪرھيو، گولو منڌرو، احمد راڄو، زيرو پوائنٽ، عارب رڇو، بچو ڌانڌل، اسحاق ٿھيمور، عبدالرحمان ڌانڌل، بوھڙ، اسماعيل اپلاڻو، ٺوڙھي، ڪائنر، ڪيٽي بندر، حجامڙو ۽ ڪانگڙي سميت 59 ڳوٺ طوفان جي زد ۾ اچي شديد متاثر ٿيا جڏھن ته 38 ڳوٺن مان 294 لاش ھٿ ڪيا ويا جن مان صرف 85 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي سگھي ھئي ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل مان 61 لاش، شبير احمد ڌانڌل مان 30 لاش ۽ ٻين ڳوٺن مان ھٿ ڪيا ويا ھئا، ڪيل سروي موجب مجموعي طور 10 ارب ڊالرز جو مالي نقصان ٿيو، ڳوٺن ۾ رات جي وقت ستل معصوم ٻارڙن سميت ڪيترائي لاش لھرن ۽ تيز ھوا سبب وڻن تي ٽنگيل حالت ۾ مليا پر سمنڊ ۾ ويل ماھيگيرن مان ڪيترن جا لاش ئي نه ملي سگھيا ھئا مقامي اين جي اوز ۽ روينيو کاتي پاران ڪرايل سروي موجب سجاول جي ساحلي تعلقن کاروڇاڻ، شاھبندر، جاتي ۽ بدين ضلعي جون 1400 ٻيڙيون، 15 ھزار گھر ۽ 516 ڳوٺ طوفان سبب تباھ ٿي ويا، 10 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا ۽ 25 ھزار چوپايا جانور مري ويا جاتي جي ھڪ ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل ۾ 61 ماڻھو ٻڏي فوت ٿي ويا ۽ ڳوٺ نور محمد چالڪو ۾ 25 ماڻھو فوت ٿيا

Bookmark the permalink.